سچل جي سيني ۾ سنگرام

سچل جي سيني ۾ سنگرام

سچل جي سيني ۾ سنگرام

سچل جي سيني ۾ سنگرام (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم جا سچل سرمست بابت مختلف اخبارن، رسالن، تحقيقي جرنلن، مخزنن، سرمست ۽ آشڪارا رسالن ۾ ڇپيل تاثر، ڪالم ۽ مضمون شامل آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: سچل جي سيني ۾ سنگرام، سچل بک هڙتال تي، عورت جا امنگ، دوها دوها دل، سچل جا خط خوشبو وارا، سچل سائين ۽ سياري جو سيءَ، ميڊيا ۽ سچل سرمست، سچل سرمست وٽ ماڻهن جي شڪايت، سچل سرمست ۽ غيرمادري زبان، اٺين پهر اُٻاڻڪي روح جو ڪورنگ نه روپ، ڀٽائي ۽ سچل ٻه هڪجهڙا ٻه منفرد شاعر، سچل چيو: خود خدا بڻجو، ڀٽائيءَ ۽ سچل جي سُر سارنگ ۾ فرق، سچل ۽ اظهار جي آزادي، سچل سرمست جا حاڪم طبقن سان تعلقات، اردو ۽ سچل، سچل جي شاعريءَ ۾ جيتن، جانورن ۽ پکين جو ذڪر، سچل سرمست کي متاثر ڪندڙ پرڏيهي عالم ۽ صوفي، سچل سرمست جي فارسي شاعري، سچل سرمست جي سرائيڪي شاعري، سچل بنياد پرستيءَ کان دور، سچل جي شاعريءَ ۾ نماڻائي ڇو؟، سچل جو هڪ بيت آهي ته... سچل جون ڪافيون، سچل جي سٽن ۾ عورت جو آواز، سچل سان ڪچهري، سچل تي ڀٽائيءَ جو اثر، سچل سائينءَ جو محقق ۽ شارح - ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جو انتساب- شيخ اياز، رسول بخش پليجي، قمر شهباز ۽ سراج جي نالي ڪيو آهي. پيش لفظ سندس فرزند سڪندر مهراڻ، چيئرمئن ڊاڪٽر ملڪ نديم اڪيڊمي، لکيا آهن.
ڊيي سائيز جي 148 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد سان هي ڪتاب ڊاڪٽر ملڪ نديم اڪيڊمي، خيرپور/ ڪنڌڪوٽ، آگسٽ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 100 روپيا رکي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو